جمع الجوامع

جمع الجوامع

جمع الجوامع

جمع الجوامع: ’جمع الجوامع‘ فارسي لغت آهي، جنهن جو مصنف پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي آهي. سيد محمد راشد روضي ڌڻي وقت جو بي مثال ماهر انساب ۽ رجال، تصوف، تفسير، حديث، فقھ خاص ڪري لغت جو محقق هو. پير صاحب ٻي صدي هجريءَ کان يارهين صدي هجريءَ تائين ڇپيل لغتن کي اڳيان رکي ’جمع الجوامع‘ جي نالي لغت تيار ڪئي، جيتوڻيڪ هن لغت جو بنيادي ماخذ ’فرهنگ رشيدي‘، تصنيف عبدالرشيد علوي ٺٽوي آهي، پر ان کان سواءِ 100 کان مٿي فارسي ۽ عربي لغتون به سندس اڳيان رهيون. امام اصمعي جي لغت به پير صاحب جي ماخذن ۾ شامل هئي. ’جمع الجوامع‘ ۾ لغت کان سواءِ تفسير، حديث، فقھ، تصوف، علم نجوم، علم فلڪيات، علم انساب ۽ رجال، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي مناسبت نموني سان بحث ڪيل آهي. ڪيترن هنڌن تي قديم لغت نويسن سان مدلل اختلافي بحث به ٿيل آهي. مواد جي اعتبار سان هيءَ لغت فارسيءَ جي سمورين لغتن کان مٿانهين آهي. ’جمع الجوامع‘ بنيادي طرح فارسي لغت آهي، پر فارسيءَ سان گڏ عربي، سنڌي، هندي، ترڪي، سرياني، عبراني، قزويني، ڪشميري، مصري ۽ يوناني ٻولين جا لفظ ۽ اصطلاح به ان ۾ موجود آهن. جڏهن ته لفظن جا واحد جمع، مذڪر مؤنث، ضد، مصدر، فعل، فاعل ۽ مفعول به ڏنل آهن. ’جمع الجوامع‘ جو واحد قلمي نسخو پير وهب الله شاهه راشدي جهنڊي واري وٽ هو، اتان ’ڪراچي نيشنل ميوزيم‘ ۾ پهتو. محفوظ ڪيل قلمي نسخو 1291هه/ 1874ع جو لکيل آهي. اصل جمع الجوامع قليم، چئن جلدن ۾ 3500 صفحن تي مشتمل آهي. هينئر انهن مان ٽيون قلمي جلد غائب آهي. ’سڪندريه پبليڪيشنز جامعه راشديه‘ طرفان جمع الجوامع جا مفتي محمد رحيم سڪندريءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۾، ڊاڪٽر خضر نوشاهي، مولانا محمد حسن راجپوت، مولانا غلام شبير سومري ۽ مولانا دوست علي بروهيءَ جي تحقيق سان ٽي حصا شايع ٿي چڪا آهن. پهريون جلد 2007ع ۾ 300 صفحن تي، ٻيو جلد 2009ع ۾ 408 صفحن تي ۽ ٽيون جلد 2010ع ۾ ڇپيو، جيڪو 516 صفحن تي مشتمل آهي .


لفظ جمع الجوامعھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو